اسلامي جمھوري ايران جي شھر ڪرمان ۾ دھشتگردانہ حملي متعلق بيان

اسلامي جمھوري ايران جي شھر ڪرمان ۾ دھشتگردانہ حملي متعلق بيان



3/1/2024


مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) نجف اشرف عراق،جو اسلامي جمھوري ايران جي شھر ڪرمان ۾ دھشتگردانہ حملي متعلق ڏنل بيان جو سنڌي ترجمو:

  اسان ھن ڪڌي عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ امام زمانه (عج) ۽ شهيدن جي ڪٽنبن ۽ مڙني مؤمنن کي تعزيت پيش ڪريون ٿا.

• اسان مؤمنن کي دعوت ڏيون ٿا تہ فلسطيني عوام سان هر ممڪن سھڪار ڪن.

بسم الله الرحمن الرحيم

الحمد لله على ما أنعم وأبلى، والصلاة والسلام على المبعوث رحمة للعالمين محمد بن عبد الله وعلى آله الغر الميامين، واللعنة الدائمة على أعدائهم أجمعين.

قال الله سبحانه: (الَّذِينَ إِذا أَصابَتْهُمْ مُصِيبَةٌ قالُوا إِنَّا لِلَّـهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ راجِعُونَ).

صَدَقَ اللّهُ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ.

اڄ جڏهن اسان شهيد اڳواڻن ميجر جنرل قاسم سليماني، ۽ مجاهد الحاج ابو مهدي المهندس ۽ سندن ساٿين (رضوان الله عليهم) جي مجرماڻي قتل کي ياد ڪري رهيا آهيون تہ اسان کي ان الميي جي خبر انتهائي افسوس سان ملي جيڪو اڄ ڪرمان ۾ شهيد مجاهد الحاج قاسم سليماني جي مقبري جي ويجهو ٿيو آهي.

جنهن جي نتيجي ۾ (100) کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا ۽ اٽڪل (200) ماڻهو زخمي ٿيا، جنھن ۾ انهن مؤمنن کي نشانو بڻايو ويو آھي جيڪي سندس شهادت جي ورسي تي فاتحه پڙهڻ ۽ قبر تي حاضري ڏيڻ لاءِ آيا هئا.

اسان ان ڪڌي جرم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ امام زمانہ (عج) ۽ شهيدن جي خاندانن ۽ مڙني مؤمنن کي تعزيت پيش ڪريون ٿا.

اسان دعا ڪريون ٿا تہ الله پاڪ شهيدن جي مغفرت فرمائي ۽ انهن جي خاندانن کي صبر ۽ زخمين کي ترت شفاء ڪامل عطا فرمائي.

اهي ڀڃڪڙيون پياري فلسطيني عوام جي خونريزي ۽ صهيوني غاصب طرفان ٻارن ۽ عورتن جي قتل ۽ شهرين جي گهرن کي تباهه ڪرڻ سميت سمورن عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين جي روشنيءَ ۾ سامهون آيون آهن.

اسان الله تعالى کان ھن قوم کان ھن آفت کي پري رکڻ سان گڏوگڏ اھا التجا آھي تہ دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائي.

اسان مومنن کي دعوت ڏيون ٿا تہ فلسطيني عوام سان هر ممڪن سھڪار ڪن.

آخر ۾ خدا جي بارگاه ۾ دعاگو آھيون تہ ڌوڪو ڏنل مظلومن کي پنھنجي رحمت سان نوازي ۽ سندن اھل خانه کي صبر جميل عطا فرمائي.

مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى  الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) نجف اشرف عراق




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو