اسلامي عقائد جي موضوع تي تقريرن جو انتظام

اسلامي عقائد جي موضوع تي تقريرن جو انتظام



11/2/2018


مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جهان تشيّع حضرت آية الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) نجف اشرف عراق جي نمائندن جي طرف کان ميسان ۾ اسلامي عقائد ، ۽ انهن جي ڪردار ۽ معاشري جي احساسن ۽ جذبن کي مڪمل طور حرڪت ۾ آڻڻ جي موضوع تي تقريرن جو انتظام ڪيو ويو

حجت السلام سيد عيسى بخاتي صاحب جن بيان ڪيو ته شارع مقدس علم ۽ معرفت کي پکيڙڻ، ۽ استنباط ۾ صحيح طريقي کي اختيار ڪرڻ ۽ هر بيان ۽ عمل ۾ حق کي ظاهر ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي

موصوف پنهنجي تقرير ۾ اصول دين ۽ فروع دين جي درميان تعلق ۽ رابطي جي نوعيت، جن امور ۾ تقليد ڪئي ويندي آهي ۽ جن امور ۾ انسان خود پنهنجي عقائدي ۽ علمي مبنى تي عمل ڪري سگهي ٿو انهن کي مثالن ۽ شرح سان گڏ بيان ڪيو ۽ وڌيڪ انهن عقائدي بحث جي ضمن ۾ اهل بيت عليه اللسام جي ٻڌايل رستي تي روشني وڌي جنهنجي ذريعي انسان سعادت مندي سان مشرف ٿي سگهي ٿو ۽ منحرف ۽ غلط فڪر کان پنهنجي پاڻ کي محفوظ ڪري سگهي ٿو 






ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو