جشن مسرت وڪيل مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي نگراني ۾

جشن مسرت وڪيل مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي نگراني ۾



30/4/2016


لبنان: مرجع عالي قدر جي(دام ظله الوارف) جي دفتر ۾ امام هادي (عليه السلام) آل محمد جي ڏهين ڪڙي جي ولادت با سعادت جي مناسبت تي محفل جو انعقاد ڪيو ويو

جنهن ۾ لبنان ۽ شام ۾ مرجع عالي قدر(دام ظله)  جي وڪيل مطلق مولانا شيخ علي بحسون صاحب ( دام حفظه) به پڻ شريڪ هئا

هن محفل ۾ هڪ وڏي تعداد ۾ دانشور، پروفيسر، ۽ مومنين حضرات شريڪ ٿي شعر ۽ ديني قصيدن سان هن محفل کي معطر ڪيو محفل جي اختتام تي ولي الله اعظم حضرت امام مهدي (عج الله تعالى فرجه) آمد ۽ نصرت جي دعا سان گڏ مراجع عظام ۽ خصوصا مرجع عالي قدر حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظله ۽ امت اسلاميه جي ڪاميابي ۽ اصلاح جي راح اختيار ڪرڻ جي دعا ڪئي وئي .






ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو