جامعة المصطفى جي پرنسپل جي مرجع عاليقدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات

جامعة المصطفى جي پرنسپل جي مرجع عاليقدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات



10/1/2023



جامعة المصطفى( لاهور) جي پرنسپل حجة الاسلام مولانا سيد حسين نجفي (حفظه الله) مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان سندس مرڪزي دفتر نجف اشرف

۾ ملاقات ڪئي.

ان ملاقات ۾ مرجع عاليقدر (دام ظله الوارف) تبليغِ دين جي اهميت کي بيان ڪندي فرمايو ته: عالمن سڳورن جي ڪلهن تي سڀ کان وڏي ذميداري رکي وئي آهي ته اهي تبليغِ دين جي فرض کي ڀلوڙ نموني سان ادا ڪن، توهان جي تبليغ جي ڪري ڪنهن هڪ ماڻهو جي هدايت توهان جي لاءِ دنيا ۽ جو ڪجھ ان ۾ آهي کان وڌيڪ بهتر آهي.

مرجع عاليقدر (دام ظله الوارف) حوزه علميه نجف اشرف جي اهميت ۽ عظمت کي بيان ڪندي وڌيڪ فرمايوته  حوزه علميه نجف اشرف سڀني حوزن جي ماءُ جيان  حيثيت رکي ٿو ڇا ڪاڻ تہ هن حوزه علميه بي مثال برک عالم سڳورا پيدا ڪيا آهن.

ٻئي طرف مولانا سيد حسين نجفي (حفظه الله) تبليغِ دين جي حوالي سان  پنهنجي ڪيل  ڪاوشن کي بيان ڪيو، پوءِ مرجع عاليقدر (دام ظله الوارف) ان ڪاوشن کي ساراهيندي وڌيڪ توفيقات خير ۾ اضافي جي لاءِ دعا فرمائي.

آخر ۾ موصوف قيمتي وقت ڏيڻ تي مرجع عاليقدر (دام ظله الوارف) جو دل جي گهرائين سان شڪريو پڻ ادا ڪيو.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو