مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان افغانستان جي شيعه علماء جي شورى جي خصوصي وفد جي ملاقات

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان افغانستان جي شيعه علماء جي شورى جي خصوصي وفد جي ملاقات



2/1/2023


مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جن پنھنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ زيارت جي لاءِ آيل افغانستان کان شيعه علماء جي شورى جي خصوصي  وفد جي آجيان ڪئي، ۽ مهربان پيءُ وانگر نصيحتون ۽ ضروري رهنمايون بيان ڪيون، ۽ رياست افغانستان ۾ مسلمانن جي درميان پر امن طريقي سان پاڻ ۾ گڏ رهڻ جي اهميت تي زور ڏنو. رت، ۽ جانن جي تحفظ ۽ مسلمانن جي درميان خونريزي کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ تي زور ڏنو.

هوڏانهن آيل مهمانن، افغانستان جي مومنن جي موجوده عمومي صورت حال، ۽ شورى جي ڪارڪردگي پيش ڪئي. جنهن تي مرجع عاليقدر (دام ظله الوارف) سندن لاءِ وڌيڪ توفيقات خير ۾ اضافي جي لاءِ بارگاه خداوندي ۾ دعا فرمائي. ۽ مهمان وفد قيمتي وقت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ مراجع جي زيارت کي پنهنجي لاءِ عظيم شرف قرار ڏنو.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو