حضرت غازي عباس (عليہ السلام) جي حرم جي خادمن جي هڪ وفد جي سائين جن سان ملاقات

حضرت غازي عباس (عليہ السلام) جي حرم جي خادمن جي هڪ وفد جي سائين جن سان ملاقات



13/1/2023


مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آية الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) پنھنجي مرڪزي دفتر ۾ حرم مولا عباس (عليہ السلام) ڪربلا مقدس جي خادمن جي هڪ وفد جو آڌرڀاء ڪندي انهن کي شفيق پيءُ وانگر نصيحتون ڪندي فرمايو:

حرم مولا عباس (عليہ السلام) جي خادمي نه رڳو توھان لاءِ بلڪ قيامت تائين توھان جي اچڻ واري نسل لاءِ اعزاز ۽ شرف جي ڳالھ آھي.

سائين جن انھن کي پنھنجي ذميدارين ڏانهن توجھ ڏياريندي انھن جي سلوڪ، رويي ۽ خدمت کي سراھايو .

سائين جن وڌيڪ فرمايو ته توھان تي مقدس مقام جي خادم ھجڻ جي حيثيت سان اھي ذميداريون عائد ٿين ٿيون.

ٻيءَ طرف آيل وفد (مرجع عالي قدر دام ظلہ الوارف) جي خدمت ۾ پنھنجي ڪارڪردگيءَ کي بيان ڪيو جنھن تي سائين جن وڌيڪ توفيقات خير ۾ اضافي جي لاءِ الله سائين جي بارگاه ۾ دعا فرمائي.






ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو