الله سائين انسان کي اڻ کٽ نعمتن سان نوازيو آهي ان کي گھرجي ته انهن نعمتن مان فائدو حاصل ڪري ۽ تقرب ۽ رضا الاهي جي حصول کي يقيني بڻائي

الله سائين انسان کي اڻ کٽ نعمتن سان نوازيو آهي ان کي گھرجي ته انهن نعمتن مان فائدو حاصل ڪري ۽ تقرب ۽ رضا الاهي جي حصول کي يقيني بڻائي



9/5/2022



مرجع مسلمين و جھانِ تشيع حضرت آيت الله العظمي الحاج حافظ بشير حسين النجفي (دام ظلہ الوارف) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ عيد الفطر جي مبارڪ باد ڏيڻ لاءِ اچڻ وارن مختلف رسمي ۽ غير رسمي وفدن جو استقبال ڪيو. ان سلسلي ۾ واسط صوبي جي نعمانيہ شھر سان تعلق رکندڙ مؤمنن جي وفد جو آڌر ڀاء ڪندي فرمايو ۽ انھن کي پنھنجي پدرانہ نصيحتن ۽ ضروري ھدايتن دوران فرمايو تہ انسان جي لاءِ لازم آهي تہ ھو تزڪيہ نفس کي يقيني بڻائي ۽ پاڻ کي ھر حال ۾ حرام کان پري رکي.

سائين جن وڌيڪ فرمايو تہ الله سائين انسان کي اڻ کٽ نعمتن سان نوازيو آهي ان کي گھرجي تہ انهن نعمتن مان فائدو حاصل ڪري ۽ تقرب ۽ رضا الاهي جي حصول کي يقيني بڻائي ۽ انھن نعمتن کي ڪنهن به صورت ۾ معصيت ۾ استعمال نہ ڪري ان ڪري جو اھو الله سائين جي ناراضگيءَ جو سبب ٿيندو والعياذ بااللہ.

پاڻ فرمايائون تہ عراق جي آئين، دينِ اسلام ۽ ان جي تعليمات جي احترام جي ضمانت ڏني آهي ليڪن افسوس تہ حڪومت جي امور سنڀالڻ وارا عراقي عوام جي اڪثريت جي حقن ۽ انھن جي اميدن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي ۽ عقائدِ حقہ کي درسي نظام کان پري رکيو آھي. ۽ اڃا تائين ملعون صدامي درسي نظام تي عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ دشمن اھلبيت عليهم السلام جي مدح ۽ ثناء آهي ۽ عراق ۾ ھي وڏي مشڪل آهي

۽ نئين نسل جي صحيح تربيت نہ پئي ٿئي.

پاڻ فرمايائون اوھان جي اولاد اوھان جي ھٿن ۾ امانت آهي انھن جي صحيح تربيت ڪئي وڃي.

۽ اھي والدين ۽ ذميدار جيڪي پنهنجي ٻچن کي نظر انداز ڪري رھيا آھن انھن کي خبر ھئڻ گھرجي تہ ٻارن جي انحراف جو اھي ئي سبب ٿيندا ۽ انھن کي پنھنجي ان ڪوتاهي جو الله جي سامھون جواب ڏيڻو پوندو.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو