حضرت امام حسين عليه السلام جو خادم ھجڻ دنيا ۽ آخرت ۾ عظيم شرف آهي

حضرت امام حسين عليه السلام جو خادم ھجڻ دنيا ۽ آخرت ۾ عظيم شرف آهي



30/4/2022


مرجع مسلمين و جھانِ تشيع حضرت آيت الله العظمي الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ رمضان مھيني جي مبارڪ راتين ۾  پراڻي طريقي مطابق ھن سال بہ زيارتن تي آيل مختلف وفدن جو آڌر ڀاء ڪيو، اندوران امام حسين عليه السلام جي خادمن تي مشتمل هڪ وفد کي مخاطب ٿيندي پنھنجي پدرانہ نصيحتن ۾ فرمايو تہ امام حسين عليه السلام جو خادم ھجڻ دنيا ۽ آخرت ۾ عظيم شرف آهي ۽ خادمن جي بہ عظيم منزلت آھي جيئن ته خالق جو فرمان بہ آهي

{ وَسِیقَ ٱلَّذِینَ ٱتَّقَوۡا۟ رَبَّهُمۡ إِلَى ٱلۡجَنَّةِ زُمَرًاۖ حَتَّىٰۤ إِذَا جَاۤءُوهَا وَفُتِحَتۡ أَبۡوَ ٰبُهَا وَقَالَ لَهُمۡ خَزَنَتُهَا سَلَـٰمٌ عَلَیۡكُمۡ طِبۡتُمۡ فَٱدۡخُلُوهَا خَـٰلِدِین (سورت الزمر آيت ۷۳)

(۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهيا انهن کي جنت ڏانهن جماعتون ڪري روانو ڪيو ويندو. تانجو جڏهن ان (جنت) وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا: توهان تي سلام هجي، توهان خوش رهو پوءِ ان ۾ هميشه رهڻ لاءِ داخل ٿيو).

ان آيت جي تفسير اھلبيت عليهم السلام جي روايتن مطابق ھيءَ آھي تہ امام حسين عليه السلام جي خادمن کي قيامت واري ڏينهن امام حسين عليه السلام جي پرنور  چھري جي زيارت جو شرف حاصل ٿيندو ۽ اھي مولا جي زيارت ۾ مصروف ھوندا ۽ جنت ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ زيارت امام حسين عليه السلام ۽ مولا جي اڳيان حاضري کي مقدم ڪندا.

سائين جن امام حسين عليه السلام جي خادمن کي دعوت ڏني تہ ھر اھو شخص جيڪو اھلبيت عليهم السلام جي مزارن جي نسبت غلط نظر رکي ٿو ان جي خلاف سخت ۽ فيصله ڪن موقف اختيار ڪيو وڃي.

پاڻ جوانن کي بہ خارجي ايجنڊا تي عمل پيرا گمراھي واري عقيدي رکڻ وارن ماڻهن کان پري رهڻ جي نصيحت فرمائي.

سائين جن وڌيڪ فرمايو تہ آئمہ عليھم السلام جون مقدس مزارون ۽ انھن مٿان بڻيل گنبذ ۽ مينار ھدايت جا روشن مينار آھن ۽ اسان بہ اھڙي طريقي سان انھن جي حفاظت ڪندا رھنداسون ۽ جڏھن آئمہ عليھم السلام جي وارث حضرت امام زمانہ عج جو ظھور مبارڪ ٿيندو تہ اھي سندس حوالي ڪنداسين

جھڙي طرح ماضي ۾ ٿيو آهي ان شاءالله مستقبل ۾ بہ دين جي صورت بگاڙڻ، امت محمدي کي ڀٽڪائڻ ۽ عقيدن کي خراب ڪرڻ واريون دشمنن جون سڀ سازشون ناڪام ٿينديون.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو