مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آية الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي خدمت ۾ جمهوري اسلامي ايران جي مؤمنن جو وفد

مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آية الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي خدمت ۾ جمهوري اسلامي ايران جي مؤمنن جو وفد



28/11/2022


مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آية الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي مرڪزي دفتر ۾ نجف اشرف ۾ جمهوري اسلامي ايران کان آيل مؤمنن جو خير مقدم ڪندي انهن کي پيءُ وانگر نصيحتون ڪندي فرمايو:

محمد و آل محمد (عليهم السلام) سان اسان جو تعلق ۽ انهن سان اسان جي رابطو اسان جي لاءِ عظيم شرف آهي ليڪن ان جو اهو تقاضا آهي ته اسان انهن جي تعليمات تي مڪمل ۽ سختي سان عمل ڪريون، فقط واجبات جي ادائگي ۽ محرمات کان پري رهڻ  تائين پنهنجي پاڻ کي محدود نه رکون، بلڪ مستحبات جي ادائگي ۽ مڪروهات کان اجتناب جو به پنهنجي پاڻ کي عادي بڻايون.

اسان جون مومنياڻيون مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون پنهنجي پاڻ کي سائڻ زهراء (سلام الله عليها) جي سيرت مبارڪ سان پنهنجي پاڻ کي سينگارين ۽ مڪمل حجاب ۽ پاڪيزگيءَ کي يقيني بڻائن.

واضح رهي ته معاشري جي اصلاح ۽ ڀلائي عورت ذات جي اصلاح ۽ ڀلائيءَ سان جڙيل آهي.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو