مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان حشد شعبي جي مجاهدين جي ملاقات
7/5/2023
مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان سندس مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ملاقات جي لاءِ آيل حشد شعبي جي مجاهدن جو خير مقدم ڪندي فرمايو ۽ انهن سان شفيق پيءُ وانگر نصيحتون ڪندي خطاب ۾ مقامات مقدسه، وطن عزيز ۽ عوام جي دفاع ۾ حشد شعبي جي عظيم ڪردار کي سارهايو جڏهن ته دهشت گرد قوتن عراق جي سلامتيءَ ۽ امن و امان کي خراب ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.
انهن وڌيڪ فرمايو ته لازم آهي ته مومن جو هر عمل قربة الي الله هجي ۽ اسان مان هر شخص پنهنجي روز مره جي زندگي. پنهنجي سلوڪ ۽ سماجي ۽ اجتمائي تعلقات ۾ پنهنجي پاڻ تي دين کي نافذ ڪريون ۽ خدا جي معصيت کان پنهنجي پاڻ کي پري رکون.