مرجع عالي قدر دام ظلہ الوارف جي خدمت ۾نجف اشرف جي پوليس جي سربراه بارڊر فورس جي ڪمانڊر ۽ سيڪيورٽي سيڪٽر جي اھلڪار
9/5/2023
مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آية الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظلہ الوارف پنھنجي مرڪزي دفتر ۾ عيد الفطر جي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ آيل رسمي ۽ غير رسمي وفدن جو استقبال ڪيو.
انھن منجھان نجف اشرف گورنمينٽ جي پوليس چيف ۽ سرحدي محافظن جي ڪمانڊر کان علاوه مقدس شھر نجف اشرف ۾ سيڪيورٽي يونٽن جي باقي عھديدارن ۽ انھن سان گڏ آيل وفد سان ملاقات ڪئي جيڪي عيد الفطر جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي لاءِ مرجعيت جي محضر ۾ حاضر ٿيا ھئا.
مرجع عالي قدر دام ظلہ الوارف انھن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪندي پنھنجي خطاب ۾ فرمايو تہ نجف اشرف پوري تشيع جو مرڪز آھي ۽ پوري دنيا جون نظرون ھر وقت ان جي طرف مرڪوز آھن توھان جون ذميداريون بہ وڏيون آھن ھن جو امن ۽ استقرار ھتان جي عوام ۽ زائرين جي جان ۽ مال جي حفاظت توھان جي ذميداري آھي.
اميد ٿا ڪريون ته توھان پنھنجي انھن ذميدارين کي بھتر کان بھتر طريقي سان نڀائيندو.