پاڪستان مان مختلف مڪاتب فڪر جي علماء جي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان ملاقات
19/5/2023
برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستان جي مختلف مڪاتب فڪر جي علمائن حجت الاسلام مولانا جعفر علي نجم دامت برڪاته جي قيادت ۾ مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان سندس مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ملاقات ڪئي.
مرجع عالي قدر دام ظله الوارف ۽ وفد جي درميان نجف اشرف ۽ حوزه علميه نجف اشرف جي اهميت ۽ عظمت جي متعلق گفتگو ٿي.
مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جن فرمايو ته اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جي جوار ۾ حوزه علميه نجف اشرف جي تاريخ وڏي قديم آهي بلڪ هي سڀني حوزن جي ماءُ آهي. هن حوزه علميه نجف اشرف امت مسلمه خدمت جي لاءِ وڏا عظيم ۽ جيد فقهاء ۽ علماء کي جنم ڏنو آهي.
وڌيڪ مرجع عالي قدر دام ظله الوارف تبليغ جي موثر ڪرڻ جي حوالي سان پيغمبر صلى الله عليه و آله وسلم جي سنت ۽ روش کي ٻڌائيندي فرمايو ته زباني تبليغ کان وڌيڪ عملي تبليغ هجڻ کپي جيئن پيغمبر صلى الله عليه و آله وسلم چاليه سالن تائين صرف ڪردار پيش ڪيو جڏهن ته ٽيويھ يا چوويھ سال ڪردار سان گڏو گڏ زباني تبليغ به ڪئي.
اهڙي طرح پيغمبر صلى الله عليه و آله وسلم ٽيهت يا چوهٽ سال ڪردار پيش ڪيو جنهن جي نتيجو اهو نڪتو ته اڄ دنيا جي ڪوني ڪوني ۾ اشهد ان محمد رسول الله جي صدائون پيون اچن.
ٻي طرف آيل علماء مهمانن مغربي ۽ يورپي ممالڪ ۾ تبليغ دين جي حوالي سان ڪيل ڪاوشن کي بيان ڪيو
۽ قيمتي وقت ڏيڻ تي انهن علمائن مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جو دل سان شڪريو ادا ڪيو