اربعين جي زيارت امام حسين عليه السلام سان وفاداري ۽ تعلق جي تجديد لاءِ هڪ مقدس الٰهي منصوبو آهي
11/8/2024
مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ زيارت اربعين لاءِ آيل مختلف ملڪن جي زائرن کي خوش آمديد چيو ۽ خطاب ڪندي فرمايو ته:
• اربعين جي زيارت امام حسين عليه السلام سان وفاداري ۽ تعلق جي تجديد لاءِ هڪ مقدس الٰهي منصوبو آهي.
• امير المومنين علي (عليه السلام) متقين جا امام آهن اھل ايمان کي اھل تقوى ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
• آئمه اهل بيت (عليهم السلام) جي روضن تي حاضر ٿيڻ واري مومن کي گهرجي ته هو ان زيارت ذريعي پنهنجي اخلاق کي بهتر بڻائڻ، معاشري ۾ هڪ مثبت رول ماڊل بڻجڻ، ۽ پنهنجي خاندان ۽ معاشري سان تعلقات ۾ مثبت اثرات پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
• اربعين جي زيارت زائرن جي زندگي ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جو هڪ بهترين موقعو آهي، ڇو ته
اها صرف هڪ مذهبي رسم نه آهي بلڪ خدا سان عهد جي تجديد، اسلام جي تعليمات ۽ اهل بيت (عليهم السلام) جي اخلاق سان وابستگيءَ تي زور ڏيڻ جو موقعو آهي.
• اربعين جي زيارت خيالن ۽ ماڻهن جي اجتماع جو مرڪز آهي جتي هدف هڪ هوندو آهي قومي ۽ سياسي اختلاف ۽ وابستگي ختم ٿي ويندي آهي، جيئن سڀني جي وابستگي صرف امام حسين (عليه السلام) سان رهي.
• اربعين جي زيارت هڪ مقدس، الٰهي منصوبو آهي جنهن جي غرض حسيني مقصد کي مومنن جي روح ۾ زنده رکڻ ۽ اهل بيت (عليهم السلام) سان غم ۽ سچي وفاداري جي تجديد ڪرڻ آهي. اهو منصوبو ھر سال طاقت ۽ شرڪت ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، ڇو ته اهو روحاني طاقت، تجديد وفاداري، ۽ حقيقي تعلق جو ذريعو بڻجي ٿو.