ورلڊ فيڊريشن خوجا شيعا اثنا عشري جماعت جي وفد جي مرجعِ عالي قدر حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان ملاقات
22/2/2025
مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع، حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) نجف اشرف جي مرڪزي دفتر ۾ ورلڊ فيڊريشن خوجا شيعا اثنا عشري جماعت جي خاص وفد جو الحاج صفدر جعفر صاحب (صدر) جي قيادت ۾ آيل وفد جو خيرمقدم فرمايو.
مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف)، الحاج صفدر جعفر صاحب ۽ سڄي ڪميٽي کي دين ۽ مذهب جي خدمت جي توفيق ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ الله جي بارگاهه ۾ دعا گهري ته الله سائين سندن خدمتون قبول فرمائي ۽ کين وڌيڪ خدمت جي توفيق عطا فرمائي.
واضح رهي ته هي وفد ورلڊ فيڊريشن خوجا شيعا اثنا عشري جماعت جي مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ عهديدارن تي مشتمل هو.