مرحوم مرجع حضرت آيت الله العظميٰ سيد محمد سعيد الحڪيم (قدس سره) جي خانوادي جو مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) پاران استقبال

مرحوم مرجع حضرت آيت الله العظميٰ سيد محمد سعيد الحڪيم (قدس سره) جي خانوادي جو مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) پاران استقبال



17/3/2025


مرجعِ مسلمين و جھانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي دام ظله الوارف پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ حضرت علامه سيد رياض الحڪيم(حفظه الله) جي قيادت ۾ مرحوم مرجع حضرت آيت الله العظميٰ سيد محمد سعيد الحڪيم (قدس سره) جي خانوادي جو استقبال ڪيو.

ملاقات دوران، مرجع عالي قدر دام ظله الوارف مرحوم مرجع (قدس سره) جي علمي خدمتن ۽ حوزه علميه نجف اشرف سميت عالمي سطح تي اسلام جي واڌاري لاءِ سندن اهم ڪوششن کي ياد فرمايو.

هيءَ ملاقات ماہِ مبارڪ رمضان جي مقدس مهيني ۾ علمي خاندانن جي وچ ۾ ٿيندڙ رواجي زيارتن ۽ ملاقاتن جو حصو هئي، جيڪي هر سال نجف اشرف ۾ منعقد ٿينديون آهن.

معزز مهمانن مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جي صحت بابت اطمينان جو اظهار ڪندي، رب جي بارگاه ۾ سندن صحت ۽ عافيت لاءِ دعا گھري ۽ سندن شڪريو ادا ڪيو.



ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو