علامه شيخ انور علي نجفي دام عزّه جي مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) سان ملاقات

علامه شيخ انور علي نجفي دام عزّه جي مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) سان ملاقات



31/3/2025


مرجع مسلمين و جهانِ تشيع، حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي دام ظلّه الوارف، مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ پاڪستان مان آيل وڪيل مرجعيت حجة الاسلام والمسلمين، علامه شيخ انور علي نجفي دام عزّه جو خير مقدم ڪيو.

مرجع عالي قدر دام ظلّه الوارف، موصوف جي والد، حضرت حجّة الاسلام والمسلمين، علامه شيخ محسن علي نجفي (نور الله مرقده) جي درجات جي بلندي لاءِ رب جي بارگاه ۾ دعا گهري. ان موقعي تي، مرحوم جي خدمتن کي ياد ڪندي فرمايائون: “منهنجي اها ئي دعا آهي ته الله توهان ۽ توهان جي ڀائرن کي وڌيڪ توفيق عطا ڪري، ته جيئن اوهان والد مرحوم جي نقشِ قدم تي هلندا رهو ۽ قوم ۽ ملت جي خدمت جو سلسلو جاري ۽ ساري رهي.”



ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو