حجّةُ الاسلام مولانا شيخ انور علي نجفي( دامَ عزَّهُ ) جي مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف) سان ملاقات

حجّةُ الاسلام مولانا شيخ انور علي نجفي( دامَ عزَّهُ ) جي مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف) سان ملاقات



11/1/2026


نجفِ اشرف:  مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيّع حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف ) نجفِ اشرف ۾ پنهنجي مرڪزي دفتر ۾ پاڪستان کان تشريف کڻي ايندڙ حجّةُ الاسلام مولانا شيخ انور علي نجفي ( دامَ عزَّهُ ) جو خير مقدم  ڪيو.

ملاقات دوران مرجعِ عالي قدر ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف ) معزز مهمان جو خير مقدم ڪندي سندن والدِ مرحوم، علامه شيخ محسن علي نجفي (قدّس سرّه) جي نمايان علمي ۽ تبليغي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، ۽ دين و مذهب جي خدمت ۾ سندن گرانقدر ڪوششن ۽ درخشاں علمي مساعين کي دل جي گهراين سان ساراهيو۔

سماحة الشيخ دام عزہ مرحوم لاءِ بارگاهِ الٰهي ۾ درجات جي بلنديِ لاءِ دعا فرمائي، ۽ گڏوگڏ الله تعاليٰ کان دعا گهري ته هو سندن فرزندَن کي، خاص طور تي مولانا شيخ انور علي نجفي (دامَ عزَّهُ ) کي وڌيڪ توفيق عطا فرمائي، جيئن هو پنهنجي والدِ مرحوم جي علمي ۽ ديني مشن کي اڳتي وڌائيندي، دين جي خدمت جو هي سلسلو جاري رکي سگهن۔





ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو