مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان حشد شعبي جي چيف آف اسٽاف جي پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات 25/4/2023 |
مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله
العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان سندس مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ حشد
شعبي جي چيف آف اسٽاف محترم مجاهد ابو فدڪ محمداوي صاحب جو ان جي وفد جي همراه خير
مقدم فرمايو، ان ملاقات ۾ عراق جي حاليه امني صورتحال ۽ ان کي مزيد محفوظ بڻائڻ ۾
حشد شعبي جي ڪردار تي تبادله خيال ڪيو ويو. مرجع عالي قدر دام ظله الوارف مهمانن سان
پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته حشد شعبي مقدس مقامات،وطن ۽ عراقي عوام جي لاءِ عظيم
قرباني پيش ڪيون آهن جنهن تي اسان جي جوانن قربانيون به پيش ڪيون آهن ۽ جام شهادت
به پيش ڪيون آهن. ان شاء الله اهي بروز قيامت حضرت امام حسين
عليه السلام جي انصار ۽ اصحاب ۽ زائرين ۾ شامل ٿيندا.
مرجع عالي قدر دام ظله الوارف مهمان وفد کان عراق جي امن ۽ حاليه صورت حال جي متعلق واقفيت حاصل ڪئي ۽ ضروري نصيحتون به ارشاد فرمايون ۽ بهادرن جي سلامتي ۽ وڌيڪ ڪاميابي جي لاءِ بارگاه الهي ۾ دعا فرمائي |