شهيد سيد ح-س-ن ن-ص-رالله ۽ شهيد سيد صفي الدين (رحمۃ الله عليهما) جي تدفين ۾ حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) جي شرڪت

شهيد سيد ح-س-ن ن-ص-رالله ۽ شهيد سيد صفي الدين (رحمۃ الله عليهما) جي تدفين ۾ حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) جي شرڪت

1/3/2025




مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع، حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير، حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه)، ٻن عظيم شهيدن، شهيد علامه سيد ح-س-ن ن-ص-رالله ۽ شهيد علامه سيد صفي الدين (رحمة الله عليهما) جي تدفين جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) شهيدن جي خاندانن ۽ سندن محبن جي خدمت ۾ مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف) جا سلام، سندن دعائون ۽ محبتون پيش ڪيون، ۽ پنهنجي بيان ۾ فرمايائون ته:

اسان جي هنن عظيم الشان شهيدن اسان جي امتِ اسلاميہ ۽ عرب معاشري لاءِ وڏيون قربانيون پيش ڪيون ۽ بيشمار خدمتون انجام ڏنيون، ۽ آخر ۾ شھادت جي عظيم مرتبي تي فائز ٿيا.

ان کان علاوه، حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) شهيد علامه سيد ح-س-ن ن-ص-رالله (رحمة الله عليه) جي قبر مبارڪ تي حاضري ڏني ۽ سورۃ حمد ۽ قرآن مجيد جي ڪجھ آيتن جي تلاوت فرمائي.

واضح رهي ته وفد ۾ مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف) جي بيروت ۽ مرڪزي دفتر، نجفِ اشرف سان لاڳاپيل ڪيترائي علماءِ ڪرام به شامل هئا.