جليل القدر عالم علامه سيد محمد باقر موسوي ڪشميري (قده) جي وفات تي مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پاران جاري ڪيل تعزيتي بيان 18/4/2025 ![]() |
بسم اللہ الرحمن الرحیم الحمد للہ الذی لا یُحمدہ علی مکروہ سواہ والصلاۃ والسلام علی خیر
البریة الرسول الاعظم محمد بن عبد اللہ و آله النجباء واللعنة علی اعدائھم اجمعین. قال اللہ سبحانه: إِذَا أَصَابَتْهُم مُّصِيبَةٌ قَالُواْ إِنَّا
لِلّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعونَ أُولَئِكَ عَلَيْهِمْ صَلَوَاتٌ مِّن رَّبِّهِمْ
وَرَحْمَةٌ وَأُولَئِكَ هُمُ الْمُهْتَدُونَ صدق الله العلي العظيم انتہائي افسوس ۽ غم جي ڪيفيت ۾ اسان کي جليل القدر عالمِ دين، حضرت
حجت الاسلام والمسلمين علامه سيد محمد باقر موسوي ڪشميري (قده) جي رحلت جي خبر
ملي. موصوف جي عظمت ۽ سندن ديني خدمتون روزِ روشن وانگر ڪشمير جي مؤمنين
تي ظاهر آهن. قوم ۽ ملت لاءِ فڪر مند اهڙي شخصيت جو ھليو وڃڻ ، خاص طور تي
هندستان، ۽ ان کان به وڌيڪ ڪشمير جي مؤمنين لاءِ وڏو نقصان آهي. اسان الله تعاليٰ کان دعاگو آهيون ته موصوف جون خدمتون قبول فرمائي، ۽ قيامت جي ڏينهن کين سندن اجداد، حضرت رسولِ خدا (صلي الله عليه و
آله وسلم)، حضرت اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب (عليهما السلام)، حضرت زهراء سلام الله عليها، ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي خاص
شفاعت نصيب فرمائي.
اسان هن عظيم ۽ جليل القدر عالم جي وفات تي امام زمانه عجل الله فرجه الشريف، سندن وارثن، ۽ سمورن شيعن، خاص طور تي ڪشمير جي مؤمنين جي خدمت ۾ دلي تعزيت پيش ڪريون ٿا. |