پاڪستاني سفير جي مرجعِ عالي قدر آيتُ الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظلّه الوارف سان ملاقات

پاڪستاني سفير جي مرجعِ عالي قدر آيتُ الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظلّه الوارف سان ملاقات

25/9/2025




نجف اشرف: عراق ۾ پاڪستان جي سفير جناب محمد ذيشان احمد مرجعِ عالي قدر آيتُ الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظلّه الوارف جي بارگاهه ۾ شرفِ ملاقات حاصل ڪيو۔

ملاقات دوران پاڪستاني زائرينِ امام حسين عليه السلام کي پيش ايندڙ مشڪلاتن تي تفصيل سان گفتگو ٿي۔ مرجعِ عالي قدر (دام ظلّه الوارف) فرمايو ته نبيءَ جي نواسي حضرت امام حسين عليه السلام جي زائرين لاءِ سهولتن ۽ آسانين جو اهتمام ڪيو وڃي، جيئن هر مسلمان آسانيءَ سان زيارت مان فيضياب ٿي سگهي۔

پاڪستاني سفير جناب محمد ذيشان احمد انهيءَ موقعي تي يقين ڏياريو ته پاڪستاني زائرين لاءِ سهولتن ۽ آسانين جي فراهمي خاطر عملي قدم کنيا ويندا۔ ساڻس گڏ هن وڌيڪ چيو ته مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظلّه الوارف جو وجود سڄي امتِ مسلمه لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي۔

آخر ۾ سفير پاڪستان حضرت کان قيمتي وقت ڏيڻ تي دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو