مجلس وحدت المسلمين پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر، علامه ناصر عباس جعفري (دام عزه) جي آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان ملاقات

مجلس وحدت المسلمين پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر، علامه ناصر عباس جعفري (دام عزه) جي آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان ملاقات

25/9/2025




نجف اشرف:

مجلس وحدت المسلمين پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر، علامه ناصر عباس جعفري (حفظه الله) اڄ پنهنجي وفد سان گڏ آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي مرڪزي دفتر، نجف اشرف ۾ ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) حوزہ علميہ نجف اشرف جي عظمت، ان جي علمي ڪردار ۽ تاريخ ۾ ان جي ذريعي تيار ٿيندڙ جليل القدر علماء جي خدمتن تي روشني وڌي. پاڻ هن دور ۾ علماء ڪرام جي ذميوارين بابت پڻ تفصيل سان گفتگو فرمائي.

معزز مهمان علامه ناصر عباس جعفري (حفظه الله) پنهنجي گفتگو دوران چيو ته:

“آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سڄي امت مسلمه لاءِ عام طور ۽ خصوصاً برصغير پاڪ و هند لاءِ الله جي عظيم نعمتن مان هڪ نعمت آهن. مرجع عالي قدر جو وجود اسان لاءِ اميد آهي ۽ سندن دفتر پوري امت ۽ برصغير لاءِ ڇپرڇانوَ آهي. ۽ وڌيڪ چيائين ته اسان جي عزت اوهان سان وابسته آهي.”

آخر ۾ علامه ناصر عباس جعفري (حفظه الله) مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) کي ملاقات لاءِ قيمتي وقت ڏيڻ تي نهايت  دل سان شڪريو ادا ڪيو.