|
نجفِ اشرف ۾ ڏهون ساليانو جلوسِ عزاءِ فاطميه : مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ الله العظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلَّه الوارف) جي شموليت ۽ علماء، افاضل ۽ طلابِ حوزہ علميہ جي نمايان موجودگيءَ ۾ 5/11/2025 ![]() |
اڄ مقدّس شهر نجفِ اشرف جي فضائن ۾ جلوسِ
عزاءِ فاطميه جو ڏهون ساليانو پروگرام منعقد ٿيو۔ ان عظيم الشان جلوس ۾ مرجعِ عالي قدر حضرت
آيتُ الله العظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلَّه الوارف) شريڪ ٿيا، جڏهن تہ حوزہ علميہ نجف اشرف جي جليل القدر عالمن ، طلابن، قبيلن جي سردارن، حسيني موڪبن جي خادمن، ۽ عراق جي مختلف شهرن
سان گڏ ٻين ملڪن مان آيل مؤمنن شرڪت ڪئي۔ جلوس مرجعِ عالي قدر (دام ظلَّه) جي مرڪزي
دفتر مان روانو ٿي، حرمِ مطهّرِ حضرت اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب (عليه السلام) ڏانهن
پيشقدمي ڪئي، جتي حضرت آيتُ الله العظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلَّه
الوارف) پاڻ به صفِ اوّل ۾ زائرين عزاء
سان گڏ قدم به قدم هلندا رهيا. هيءُ عظیم ديني و مذھبي اجتماع عزاء
حضرت فاطمه زهراء سلامُ اللهِ عليها جي مظلوميت جي ياد کي زندھ رکڻ جو
اظهار ۽ اهلِ بيتِ اطهار (عليهم السلام) سان تجديدِ عقیدت، و ولایت ۽ جو عظيم مظهر
آھي۔ جلوس غم جي آغاز ۾ قرآن مجيد جي آيتن جي
تلاوت سان فضا معطر ڪرڻ کان پوءِ ، حضرت زهراءِ اطهر (س) تي ٿيل ظلم ۽ مصيبتن جي
داستانن کي بيان ڪيو ويو۔ ان کان پوءِ شعراءِ اهلِ بيت عليهم السلام
پنهنجي سوز ڀريل ڪلام سان بيبيءَ جي عظمت، عصمت ۽ مصائبِ فاطميه کي بيان ڪيو۔ جلوس جي اختتام تي حرمِ مطهّر حضرت امام علي
(عليه السلام) جي صحن ۾ مجلسِ عزا منعقد ٿي، جنهن ۾ ديني، علمي، ۽ سماجي وفدن سميت
مؤمنن جو وڏو انگ حاضر ٿيو۔
ان مجلس ۾ حضرت فاطمه الزهراء سلامُ اللهِ عليها سان پيش آيل تاريخي واقعا ۽ مصائب بيان ڪيا ويا، ۽ آخر ۾ زيارتِ حضرت اميرالمؤمنين (عليه السلام) ۽ حضرت امامِ عصر و الزمان (عجّلَ اللهُ تعالى فرجَهُ الشريف) جي حضور ۾ تعزيت ۽ وفاداريءَ جي تجديد سان هن عظيم الشان جلوسِ عزا جو اختتام ٿيو۔ |