حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پاران فلسطينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي سخت مخالفت

حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پاران فلسطينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي سخت مخالفت

1/3/2025




 • اسرائيلي جارحيت غزه ۽ سموري علائقي کي تباهه ڪرڻ ۽ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

 ٠ سمورا ملڪ غزه جي حمايت ڪن.

 • شھيد سيد ح-س-ن ن-ص-ر الله (قدس سرّه) انسانن جي آزاديء جي دفاع لاءِ مضبوط ۽ ثابت قدميءَ سان دفاع ڪيو.

مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) عراق ۾ اٽلي جي سفير جناب نيڪولو فونٽانا کي ڀليڪار ڪيو.

 ملاقات دوران، مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهايو، جن مان سڀ کان اهم فلسطين جو مسئلو هو. پاڻ غزه جي فلسطينين کي سندن سرزمين مان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪوششن جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي ۽ اسرائيلي جارحيت کي غزه ۽ سموري علائقي جي تباهي ۽ ماڻهن جي قتل جِي ڪوشش قرار ڏنو.

پاڻ (دام ظله) مختلف ملڪن کي غزه جي حمايت جي اپيل ڪندي، مزاحمت ۽ ان جي اڳواڻن جي واکاڻ ڪئي، خاص طور تي شھيد سيد ح-س-ن ن-ص-ر الله (قدس سرّه) جو ذڪر ڪيو، جن انساني آزاديءَ جي دفاع ۾ ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي، مرجع عالي قدر (دام ظله) مسجد ڪوفه جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ فرمايو ته:

“هيء دنيا جي عظيم ترين مسجدن مان هڪ آهي، جتي ٻارنهن سؤ سالن کان وڌيڪ عرصي کان علم جي تدريس ٿيندي رهي آهي. هيءَ مسجد حضرت امير المؤمنين (عليه السلام) جي دور ۾ اسلامي رياست جي گاديءَ جو هنڌ پڻ رهي چڪي آهي.”

ٻئي پاسي، اٽلي جي سفير حضرت آيت الله العظمى (دام ظله) جو سندن استقبال ڪرڻ ۽ قيمتي نصيحتن ڏيڻ تي شڪريو ۽ قدرشناسيءَ جو اظهار ڪيو. هن عراق سان مختلف شعبن ۾ تعلقات کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي عزم کي ٻيهر ورجايو.