حجة الاسلام مولانا سيد ناظر تقوي (دام عزّه) جي مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات

حجة الاسلام مولانا سيد ناظر تقوي (دام عزّه) جي مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات

7/3/2025




مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع، حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف)، پنهنجي مرڪزي دفتر، نجفِ اشرف ۾، پاڪستان مان آيل حجة الاسلام والمسلمين مولانا سيد ناظر تقوي (دام عزّه) جو خير مقدم ڪيو.

ملاقات دوران، مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف) پاڪستان جي مؤمنين، خاص ڪري حجة الاسلام والمسلمين علامه سيد ساجد نقوي (دام عزّه) جي  باري ۾ احوال پُرسي فرمائي ۽ سندن وڌيڪ توفيقات لاءِ پالڻهار جي بارگاهِ ۾ دعا گهري.

محترم مهمان، مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف) جي صحت بابت اطمينان جو اظهار ڪندي، سندن سلامتي ۽ عافيت لاءِ بارگاهِ خداوندي ۾ دعا گهري ۽ سندن جو شڪريو ادا ڪيو.