محترم مؤمن هر حال ۾ ولايتِ محمد و آل محمد عليهم السلام ۽ عزاداريءِ امام حسين عليه السلام سان وابستا رهن 18/2/2025 ![]() |
ڪربلاي معليٰ، بين الحرمين ۾ عالمي جشنِ صبر و وفا ۾ حجة الاسلام شيخ
علي نجفي (دام عزّه) جو خطاب مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع، حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير
حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند، مرڪزي دفتر جي مدير ۽ انوار النجفيه فاؤنڊيشن
جي سربراهه، حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه)، گذريل يارنهن سالن وانگر هن سال
به انجمن غلامانِ سيده زينب عليها السلام، لکهنؤ، هندستان جي طرفان، مرڪزي دفتر جي
سرپرستيءَ ۾، بين الحرمين، ڪربلاي معليٰ ۾ منعقد ٿيل جشنِ صبر و وفا ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ پاڻ حاضرين جي خدمت ۾ مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف)
جا سلام، سندن دعائون ۽ نصيحتون پيش ڪيون. ان کان پوءِ خطاب ڪندي فرمايائون: • جيڪو به وقت هجي، جيڪا به
جاءِ هجي، هر حال ۾ ولايتِ محمد و آل محمد عليهم السلام سان وابسته رهو ۽ پاڻ کي
عزاداريءَ ۽ مجلسِ امام حسين عليه السلام سان پختو رهو. • اڄ جيڪا عزت، مال، دولت،
بلڪ جيڪي به نعمتون اسان وٽ آهن، اهي سڀ عزاداري ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جون
برڪتون آهن. • حضرت امام حسين عليه
السلام ئي آهن، جن دين کي ثابت ڪيو ۽ ان کي بقا بخشي. • دين تي ثابت قدم رهڻ لاءِ
حضرت امام حسين عليه السلام بلند ترين مثال آهن. • اسان کي گهرجي ته امام
حسين عليه السلام سان پنهنجي ولايت ۽ محبت کي هميشه تازو رکون. • اڄ جيڪا نماز اسان پڙهون ٿا،
اها به امام حسين عليه السلام جي برڪت سان آهي. • جناب زينب عليها السلام،
جن ظالمن کان پنهنجو پردو بچايو، سندن ان جدوجهد ۽ قربانيءَ جو ئي فيض آهي جو اڄ
اسان جون مائرون ۽ ڀينرون باپرده آهن. • مولا عباس عليه السلام، جن
پنهنجا هٿ ڪٽرائي ڇڏيا، پر پاڻي نه پيتو، اسان کي سيکاريائون ته پنهنجي امام ۽ دين
سان وفاداري ڪيئن ڪئي وڃي.
الله تعاليٰ سڀني مؤمنين کي عزاداريءِ امام حسين عليه السلام سان پختو رکي ۽ ولايتِ محمد و آل محمد عليهم السلام سان وابسته رهڻ جي توفيق عطا فرمائي. |