مرڪزي دفتر نجف اشرف عراق جي وفد جو قم المقدس ۾ حوزہ نيوز جي دفتر جو دورو ۽ ان جي ڪوششن جي ساراهه 19/2/2025 ![]() |
مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع، حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير
حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي مرڪزي دفتر، نجف اشرف جي وفد اسلامي جمهوريه ايران
جي مقدس شهر قم ۾ حوزہ نيوز ايجنسي جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو. وفد ۾ سماحة السيد ضامن جعفري ۽ سماحة السيد مراد جعفري (شعبه وڪالتِ
خارجيه ۽ تعلقاتِ عامه) شامل هئا. وفد، مرجعِ عالي قدر (دام ظله) جي دفتر طرفان
اسلامي ادارن، خاص طور تي حوزہ نيوز ايجنسي جي سربراهه ۽ عملي کي سلام ۽ مبارڪباد
پيش ڪئي ۽ ان اداري کي حوزہ علميه جو دنيا سان رابطي جو هڪ اهم ذريعو قرار ڏنو. دورانِ ملاقات، وفد کي ايجنسي جي اهم ذميوارين، مشنن ۽ ان جي جاري
سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو. وفد حوزہ علميه جي بزرگ مراجعِ ڪرام ۽ انهن جي ادارن
جي خدمتن بابت خبرون نشر ڪرڻ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، خاص طور تي انهن خدمتن جي، جيڪي
اسلامي سماج جي بهتريءَ لاءِ سرانجام ڏنيون پيون وڃن. اجتماع دوران، ديني ۽ علمي ادارن سان ميڊيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ،
عوامي مفاد جي خدمت لاءِ باهمي سهڪار وڌائڻ، ۽ ديني، علمي ۽ سماجي سچائين کي دنيا
تائين پهچائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.
واضح رهي ته حوزہ نيوز ايجنسي پنهنجي خبرن ۽ رپورٽن کي اَٺ مختلف ٻولين ۾ شايع ڪري ٿي ۽ ڪيترن سالن کان مراجعِ عظام جي دفترن، حوزہ علميه، ۽ ٻين ديني ادارن جي سرگرمين کي مؤثر طريقي سان نشر ڪندي پئي اچي. |