نجف اشرف جي مرڪزي دفتر جي نگرانيءَ هيٺ ۽ حرم حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام ۾مرجعِ عالي قدر (دام ظلّه الوارف) جي وڪيلن ۽ معتمدن جو يارهون عام اجلاس

نجف اشرف جي مرڪزي دفتر جي نگرانيءَ هيٺ ۽ حرم حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام ۾مرجعِ عالي قدر (دام ظلّه الوارف) جي وڪيلن ۽ معتمدن جو يارهون عام اجلاس

4/10/2025




نجف اشرف جي مرڪزي دفتر جي نگرانيءَ هيٺ، صحن حضرت فاطمه زهراءَ سلامُ اللهِ عليها (حرم مطهر حضرت اميرالمؤمنين عليه السلام) ۾ مرجعِ عالي قدر (دام ظلّه الوارف) جي عراق ۾ وڪيلن ۽ معتمدن جو يارهون اجلاس “معاشري جي تعمير اسان جي اجتماعي ذميواري” جي عنوان هيٺ منعقد ٿيو۔

مرڪزي دفتر جي مدير، حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) خطاب ڪندي سڀني شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ اجلاس جي ڪامياب آغاز تي مبارڪباد پيش ڪئي۔ پاڻ وضاحت ڪئي ته هي اجلاس هر سال باقاعدي سان ان ڪري منعقد ڪيو ويندو آهي ته جيئن باهمي مشاورت وسيلي اهڙا ڪارگر وسيلا ۽ طريقا سامهون آڻي سگهجن، جيڪي اسان جي ديني، ملي ۽ عراقي عوام سان لاڳاپيل ڳرين ذميوارين کي بهترين نموني سان نڀائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين۔

حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) پنهنجي خطاب ۾ ڪيترن اهم معاملن ۽ گڏيل دلچسپيءَ وارن مسئلن جو تذڪرو ڪيو، جن جي صحيح سڃاڻپ ۽ سجاڳ معرفت لازمي آهي، ته جيئن هر مسئلي لاءِ مناسب ۽ اثرائتو حل تجويز ٿي سگهي۔ پاڻ ان ڳالھ تي زور ڏنو ته موجوده غيرمعمولي حالتن مان نڪرڻ لاءِ هڪ جامع ۽ متحد نظريو اختيار ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو تڪڙي عمل ۽ واضح عملي منصوبا بندي جو تقاضو ڪري ٿو۔

پاڻ پنهنجي تقرير ۾ وڌيڪ چتاءُ ڏيندي چيو ته درپيش چيلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ واضح ۽ مضبوط پروگرام جو تيار ٿيڻ لازمي آهي، ۽ اهڙين هدايتن ۽ سفارشَن تائين پهچڻ ضروري آهي، جيڪي دين ۽ وطن جي دفاع جي اصولن کي وڌيڪ طاقتور بڻائن۔ پاڻ زور ڏنو ته اسان کي تبليغ ۽ پيغام رسانيءَ جي ميدان ۾ مڪمل ذميواري قبول ڪرڻي پوندي، ۽ جيڪا جدوجهد اسان شروع ڪئي آهي، ان کي سنجيدگي، لڳاتار محنت ۽ منظم ڪوششن سان مڪمل ڪرڻو آهي۔

پاڻ وضاحت ڪئي ته ان سڀ جو مقصد اهو آهي ته اسان جون ڪوششون فطري طور سڀني مؤمنن سان گڏجي هڪجهڙيون ۽ گڏيل هجن، جيئن سڀ گڏجي هڪ هٿ ٿي اهڙو صالح سماج تعمير ڪريون، جيڪو انبياءَ ۽ اولياءَ جي عظيم رسالت جي شايانِ شان هجي، ۽ يقيناً اُهي ئي بهترين ساٿي آهن.

حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالهه جي اهميت ڏانهن اشارو ڪيو ته مرڪزي دفتر جا معتمد ۽ وڪيل، جيڪي اهلِ علم ۽ اهلِ فضل آهن، گذريل عرصي دوران، خاص طور تي عظيم الشان مليوني زيارت (زيارت اربعين) جي موقعي تي، جيڪا بي مثال محنت ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون، سي نهايت ئي قابلِ قدر ۽ لائقِ تحسين آهن۔

ساڳئي نموني، ديني تبليغ جي مختلف ميدانن ۾ سندن سرگرميون، مؤمن نوجوانن جي حمايت، انهن کي مرجعيتِ رشيده سان جوڙي رکڻ، گرميءَ ۾ تربيتِي ڪورسز جو انعقاد، علمي ۽ قبائلي مجلسن ۾ فعال موجودگي اهي سڀ ڪوششون دراصل هڪ متفقه ڪلمي جي دعوت لاءِ ڪيون پيون وڃن۔

شيخ علي نجفي (دام عزّه) قومي نوعيت جي ڪيترن اهم معاملن جو به ذڪر ڪيو، جن ۾ نوجوانن ۽ اڀرندڙ نسل سان مسلسل رابطو رکڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، ۽ اهل بيت عليهم السلام جي علوم کي عام ڪرڻ تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته اهي علوم فڪري ترقي  لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا چاهي اهي علمي ۽ تحقيقي منابر هجن يا منبرِ حسيني۔

پاڻ وضاحت ڪئي ته نوجوانن کي قريب آڻڻ ۽ سندن راهه مان برائيون پري ڪرڻ لاءِ هڪ بامقصد ۽ منظم پروگرام جي ضرورت آهي، جنهن جو ثمر پوري سماج کي حاصل ٿيندو۔

اجلاس ۾ اهلِ علم و فضل ڪيترين  ئي تقريرون پيش ڪيون، جن ۾ انهن سماج جي سامهون بيٺل مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ انهيءَ جاکوڙ کي نمايان ڪيو، جيڪا هو حقيقي اسلامِ محمدي جي پرچم کي بلند رکڻ لاءِ ڪري رهيا آهن۔ هيءَ سڄي محنت ۽ سرگرميون عراق جي عزيز عوام جي خدمت ۾ تبليغي، ديني، اخلاقي، اعتقادي ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ انجام ڏنيون پيون وڃن۔

شرڪت ڪندڙن حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو، جو هن اجلاس جي سرپرستي ڪئي، ۽ ان مبارڪ ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ لاءِ جيڪا گهري دلچسپي ۽ فعال شرڪت هن ڏيکاري، تنهن جي وڏي قدر داني ڪئي وئي۔