|
حجّةُ الاسلام شيخ علي نجفي (دامَ عِزُّهُ) “امام علي عليهِ السلام يونٽ” جي فوجي دستي جو دورو ڪيو۔ 16/10/2025 ![]() |
مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيّع حضرت آيتُ الله
العظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظلُّهُ الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي
مُدير، حجّةُ الإسلام شيخ علي نجفي (دامَ عِزُّهُ) “امام علي عليهِ السلام يونٽ”
جي فوجي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ اتي يونٽ جي قيادت ۽ ان جي بهادر مجاهدن جي هڪ
گروهه سان ملاقات ڪئي۔ دوري دوران، حجّةُ الإسلام شيخ علي نجفي (دامَ
عِزُّهُ) مجاهدن تائين مرجعِ عالي قدر (دامَ ظلُّهُ) جا سلام، دعائون ۽ محبتون
پهچايون، ۽ انهن جي بهادريءَ، عظيم قربانين، ۽ وطن ۽ مقدّسات جي دفاع ۾ انهن جي
جرأت مندانہ موقفن جي ساراهه ڪئي۔
ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته “امام علي عليهِ السلام يونٽ” جو ڪردار امن ۽ استحڪام کي مضبوط ڪرڻ، ۽ ديني ۽ قومي قدرن جي حفاظت ۾ نهايت اهميت رکي ٿو، ۽ هي سڀ ڪم مرجعيت جي ارشادات ۽ نصيحتن جي روشنيءَ ۾ سرانجام ڏنا پيا وڃن۔ |