مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان حشد شعبي جي چيف آف اسٽاف جي پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات

مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان حشد شعبي جي چيف آف اسٽاف جي پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات



25/4/2023


مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) سان سندس مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ حشد شعبي جي چيف آف اسٽاف محترم مجاهد ابو فدڪ محمداوي صاحب جو ان جي وفد جي همراه خير مقدم فرمايو، ان ملاقات ۾ عراق جي حاليه امني صورتحال ۽ ان کي مزيد محفوظ بڻائڻ ۾ حشد شعبي جي ڪردار تي تبادله خيال ڪيو ويو.

مرجع عالي قدر دام ظله الوارف مهمانن سان پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته حشد شعبي مقدس مقامات،وطن ۽ عراقي عوام جي لاءِ عظيم قرباني پيش ڪيون آهن جنهن تي اسان جي جوانن قربانيون به پيش ڪيون آهن ۽ جام شهادت به پيش ڪيون آهن.

ان شاء الله اهي بروز قيامت حضرت امام حسين عليه السلام جي انصار ۽ اصحاب ۽ زائرين ۾ شامل ٿيندا.

مرجع عالي قدر دام ظله الوارف مهمان وفد کان عراق جي امن ۽ حاليه صورت حال جي متعلق واقفيت حاصل ڪئي ۽ ضروري نصيحتون به ارشاد فرمايون ۽ بهادرن جي سلامتي ۽ وڌيڪ ڪاميابي جي لاءِ بارگاه الهي ۾ دعا فرمائي






ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو