جليل القدر عالم علامه سيد محمد باقر موسوي ڪشميري (قده) جي وفات تي مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پاران جاري ڪيل تعزيتي بيان
18/4/2025
بسم اللہ الرحمن الرحیم
الحمد للہ الذی لا یُحمدہ علی مکروہ سواہ والصلاۃ والسلام علی خیر البریة الرسول الاعظم محمد بن عبد اللہ و آله النجباء واللعنة علی اعدائھم اجمعین.
قال اللہ سبحانه: إِذَا أَصَابَتْهُم مُّصِيبَةٌ قَالُواْ إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعونَ أُولَئِكَ عَلَيْهِمْ صَلَوَاتٌ مِّن رَّبِّهِمْ وَرَحْمَةٌ وَأُولَئِكَ هُمُ الْمُهْتَدُونَ
صدق الله العلي العظيم
انتہائي افسوس ۽ غم جي ڪيفيت ۾ اسان کي جليل القدر عالمِ دين، حضرت حجت الاسلام والمسلمين علامه سيد محمد باقر موسوي ڪشميري (قده) جي رحلت جي خبر ملي.
موصوف جي عظمت ۽ سندن ديني خدمتون روزِ روشن وانگر ڪشمير جي مؤمنين تي ظاهر آهن.
قوم ۽ ملت لاءِ فڪر مند اهڙي شخصيت جو ھليو وڃڻ ، خاص طور تي هندستان، ۽ ان کان به وڌيڪ ڪشمير جي مؤمنين لاءِ وڏو نقصان آهي.
اسان الله تعاليٰ کان دعاگو آهيون ته موصوف جون خدمتون قبول فرمائي،
۽ قيامت جي ڏينهن کين سندن اجداد، حضرت رسولِ خدا (صلي الله عليه و آله وسلم)، حضرت اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب (عليهما السلام)،
حضرت زهراء سلام الله عليها، ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي خاص شفاعت نصيب فرمائي.
اسان هن عظيم ۽ جليل القدر عالم جي وفات تي امام زمانه عجل الله فرجه الشريف، سندن وارثن، ۽ سمورن شيعن، خاص طور تي ڪشمير جي مؤمنين جي خدمت ۾ دلي تعزيت پيش ڪريون ٿا.