حجّةُ الاسلام شيخ علي نجفي (دامَ عِزُّهُ) “امام علي عليهِ السلام يونٽ” جي فوجي دستي جو دورو ڪيو۔
16/10/2025
مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيّع حضرت آيتُ الله العظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظلُّهُ الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مُدير، حجّةُ الإسلام شيخ علي نجفي (دامَ عِزُّهُ) “امام علي عليهِ السلام يونٽ” جي فوجي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ اتي يونٽ جي قيادت ۽ ان جي بهادر مجاهدن جي هڪ گروهه سان ملاقات ڪئي۔
دوري دوران، حجّةُ الإسلام شيخ علي نجفي (دامَ عِزُّهُ) مجاهدن تائين مرجعِ عالي قدر (دامَ ظلُّهُ) جا سلام، دعائون ۽ محبتون پهچايون، ۽ انهن جي بهادريءَ، عظيم قربانين، ۽ وطن ۽ مقدّسات جي دفاع ۾ انهن جي جرأت مندانہ موقفن جي ساراهه ڪئي۔
ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته “امام علي عليهِ السلام يونٽ” جو ڪردار امن ۽ استحڪام کي مضبوط ڪرڻ، ۽ ديني ۽ قومي قدرن جي حفاظت ۾ نهايت اهميت رکي ٿو، ۽ هي سڀ ڪم مرجعيت جي ارشادات ۽ نصيحتن جي روشنيءَ ۾ سرانجام ڏنا پيا وڃن۔